بوزدار رحيم بخش خان

بوزدار رحيم بخش خان: سردار رحيم بخش خان بوزدار گهوٽڪي ضلعي جي بااثر ۽ سياسي شخصيت آهي. هو سردار محمد خان بوزدار جو پٽ آهي. هو 16- نومبر 1947ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي ۽ ايم. اي شاهه لطيف يونيورسٽي مان ڪيل اٿس. هو 1985، 1990 ۽ 1997ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو آهي. 2008ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي ٽڪيٽ تي گهوٽڪيءَ جي تڪ پي ايس 8- تان ايم. پي. اي چونڊيو. هو ٻيلن، جهنگلي جيوت، پورهئي ۽ نوجوانن جي معاملن وارين ڪميٽين جو ميمبر آهي. سردار بوزدار جي مستقل رهائش ڳڙهي چاڪر تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلي گهوٽڪي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.11.16  عيسوي

بوزدار رحيم بخش خان: سردار رحيم بخش خان بوزدار گهوٽڪي ضلعي جي بااثر ۽ سياسي شخصيت آهي . هو سردار محمد خان بوزدار جو پٽ آهي . هو 16- نومبر 1947ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀاڏائي قنبر علي شاھ شريف
انور ڪليم
جئرام داس دولترام
بوزدار رحيم بخش خان
شوڪت سنڌي
مير مراد علي خان ٽالپرعلي
آگرو عبداللطيف
عامر لطيف صديقي
عبدالرزاق ميمڻ ڊاڪٽر
الطاف احمد صديقي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون